خليق الزمان، مخدوم

خليق الزمان، مخدوم

خليق الزمان مخدوم

خليق الزمان، مخدوم: مشهور سياستدان ۽ اديب مخدوم خليق الزمان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا، نامور عالم ۽ شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس اصل نالو مخدوم غلام محمد آهي. هن هالا نوان (موجوده مٽياري ضلعي) ۾ 13 فيبروري 1949ع تي جنم ورتو. مخدوم خليق الزمان گرئجوئيٽ ڪئي. هيءُ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندوهو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’خليق‘ آهي. هن شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم صاحب سندس استاد آهي. مخدوم خليق الزمان شاعريءَ جو آغاز 1972ع کان ڪيو. سندس ڪلام مختصر ۽ غزلن تي مشتمل آهي. ملڪي سياست ۾ سندس گهرو عمل دخل رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر، سينيٽر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ جو صدر رهي چڪو آهي.مخدوم خليق الزمان 14 مارچ 2022ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.02.13  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ اديب مخدوم خليق الزمان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا، نامور عالم ۽ شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند آهي. سندس اصل نالو مخدوم غلام محمد آهي. هن هالا نوان (موجوده مٽياري ضلعي) ۾ 13 فيبروري 1949ع تي جنم ورتو.


2022.03.14  عيسوي

مخدوم خليق الزمان 14 مارچ 2022ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي يوسف سنڌ
ڪوشليا
تهذيب السلام رضوي
ديو سڀاڻي
چاڪر خان راڄڙ
حبيب الله ڪلهوڙو
حڪيم محمد امين سومرو
رضوي مير يعقوب علي سيد
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
عبدالحميد خان ترين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون